اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته پ پ غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي. بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهميءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ سان فراريت اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان پرڏيهي محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي سُڃاڻپ بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ايمپائر کانسواءِ چونڊون وڙهي ته کيس خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close