شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر جي وارڊ نمبر 6 جي محمدي ڪالوني جي رهواسين ناليون، گهٽيون، رستا نه ٺھڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف هٿن ۾ پينا فليڪس کڻي الهبخش انصاري، ڄام انور ڏاهري، حسين بخش عمراڻي، سخاوت ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته محمدي ڪالوني ۾ گذريل 15 سالن کان ناليون، روڊ رستا ٽٽل آھن. چونڊن ۾ بيهندڙ اميدوار ووٽ وٺڻ مهل ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺي ڪامياب ٿي گم ٿي ويندا آھن، هن ڀيري به ساڳيا اميدوار ورڪ تي اچي ووٽ ڏيڻ لا چئي رهيا آھن، ڪالوني واسين فيصلو ڪيو آھي ته هاڻ جيڪو اسان کي بنيادي سهولتون ڏئي صفائي ڪرائيندو، ان کي ووٽ ڏنو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close