پاڪستان

مشرف جي ايئر ايمبولينس وسيلي جلد ڏيهه واپسي جو امڪان

دبئي: اڳوڻي صدر ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پرويز مشرف جي گهرڀاتين ڏيهه واپسي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جنهن کانپوءِ کيس ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف بيمار آهي ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ آهي، سندس چئن سالن کان دبئي جي مقامي اسپتال ۾ علاج هلي رهيو آهي. پاڪستان منتقلي کانپو اڳوڻي صدر جو بهترين ڊاڪٽرن وسيلي علاج ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button