پاڪستان

پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ فيٽف جا سمورا شرط پورا ڪري ورتا

برلن: فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جو چوڻ آهي ته پاڪستان سمورا شرط پورا ڪري ورتا آهن، پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو جائزه ٽيم جي رپورٽ کانپوءِ ڪيو ويندو. فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) گري لسٽ بابت ملڪن جي اسٽيٽس جو اعلان ڪالهه ٿيڻو هو پر پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي حوالي سان اعلان نه ٿي سگهيو آهي. جرمني جي راڄڌاني برلن ۾ ايف ايف ٽي ايف اجلاس جو ڪالهه آخري ڏينهن هو. فيٽف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان 34 آئٽمز تي ٻڌل 2 ايڪشن پلان مڪمل ڪري ورتا آهن، پاڪستان جو دورو ڪري شرطن جي پورائي جي تصديق ڪئي ويندي. فيٽف جو چوڻ آهي ته ڪرونا جي صورتحال جو جائزو وٺندي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪيو ويندو، پاڪستان مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button