پاڪستان

حڪومت ۾ آياسين ته بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جو خدشو هو: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان لکيو ته فيبروري 2018ع ۾ پاڪستان کي فيٽف گري لسٽ ۾ وڌو ويو، اسان حڪومت ۾ آياسين ته بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جو خدشو هو. هن چيو ته پاڪستان کي هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ چئلينجنگ ايڪشن پلان ڏنو ويو ۽ اسان فيٽف جي 34 مان 32 ايڪشن آئٽمز کي مڪمل ڪيو جنهن فيٽف منهنجي حڪومت جي ڪم ۽ سياسي عزم کي ساراهيو هو. عمران جو چوڻ هو ته حماد اظهر، فيٽف رابطا ڪميٽي ۽ آفيسرن جي غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري، ايڪشن پلان تي ڪم مڪمل ٿيڻ جي تصديق لاءِ فيٽف ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ مونکي يقين آهي ته فيٽف ٽيم دورو به ڪاميابي سان مڪمل ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button