چوٽياريون: چوٽياريون ۾ پ پ پاران اميدوارن جي ڪاميابي لا ورڪ تيز ڪئي وئي. يوسي چوٽياريون ۾ اميدوارن جي ڪاميابي لا شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ پ پ اڳواڻ معشوق چانڊيو شرڪت ڪئي ۽ يوسي جي مختلف ڳوٺن علي اڪبر شاھه، حاجي محمد ڪيريو، يعقوب خاصخيلي، چانڊيا پاڙي، ڪنڀر پاڙي، ڪيريا ڪالوني، جوڻيجا ڪالوني، ميربحر پاڙي، ڳوٺ جاني جوڻيجو ۽ سوڍو خان ملاح سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مختلف برادرين سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. ان موقعي تي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ معشوق چانڊيو چيو ته مخالف پ پ جون ڪامياب ريليون ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڏسي بوکلائٽ جو شڪار ٿي ويا آھن. هنن چيو ته ضلعي جو چيئرمين پ پ جو جيالو ٿيندو. سانگهڙ ضلعي ۾ پ پ جو نعرو هڻڻ گناهھ تصور ڪيو ويندو هو، پر اڄ مخالفن کي اميدوار نه پيا ملن، انهي جو مثال توهان سامهون آھي ته هن وقت تائين 10 کان 12 يوسيز ۽ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آھن. بلدياتي اليڪشن کٽڻ بعد جنرل اليڪشن ۾ به ڪلين سوئيپ ڪنداسين. هنن چيو ته 26 تاريخ تي سانگهڙ ضلعي ۾ تير هلندو، جيڪو مخالفن لا آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. جڏھن ته ڪارنر گڏجاڻين دوران مختلف هنڌن ۽ ڳوٺن ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ معشوق چانڊيو کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close