ماتلي: ماتلي ۾ مھانگائٔي خلاف مزدور به چوناريون، بيلچا، ڪوڏرون ۽ ٻيا اوزار کڻي رستن تي نڪري آيا. ان ڏس ۾ مزدورن اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب ۽ بس اسٽاپ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو. جڏهن ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي عبدالرحمان ڪنڀار، اميد علي خاصخيلي، جمن ۽ ٻين مزدورن چيو ته مھانگائٔي وڌڻ سبب سڀ کان وڌيڪ مزدور طبقو متاثر ٿيو آھي، سرڪار باربار مزدورن جي اجرت وڌائٔڻ جي ڳالهھ ته ڪري ٿي، پر ان تي اڄ تائين ڪوبه عمل نه ٿيو آهي، جنهن ڪري گذارو نه پيو ٿئٔي، پيٽرول، ڊيزل ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي، پر اسان جي اجرت نه وڌائي وئي آهي. هنن چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اجرت نه وڌائي وئي ته هڙتال ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close