مقصودو رند : پ پ يوسي ڪوڙو خان عمراڻي ۾ گذريل دور دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ عوام جي خدمت ڪئي، اسان ھر وقت عوام جي خدمت لاءِ حاضر آهيون. اھڙو اظھار پ پ اڳواڻ علائوالدين جوڻيجو مقصودو رند لڳ بابو ڇن اسٽاپ تي پ پ يوسي ڪوڙو خان عمراڻي جي آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ضلعي سانگھڙ اندر پ پ ڪاميابي ماڻيندي. تقريب کي پ پ اڳواڻ غياث دين جوڻيجو، علي محمد کوسو، يوسي تي نامزد اميدوار زاھد حسين عمراڻي، وائيس چيئرمين محمد مبين بروھي، مختيار زرداري، غلام عباس ڪيريو، محبوب جکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ يوسي ڪوڙو خان عمراڻي ۾ وڏي ليڊ سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ مخالفن کي اھڙي شڪست ڏينداسين جو مخالف سياست ڪرڻ ڇڏي ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close