اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي عمل جي ڪامياب ۽ تڪڙي پڄاڻي جي اوسيئڙي ۾ آهيون. ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي بيان ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيٽف جي پاڪستان طرفان 2018 ۽ 2021 جا ايڪشن پلان پورا ٿيڻ جي گڏيل اعتراف جي آجيان ڪيان ٿو. ٻنهي ايڪشن پلانز جي سڀني ٽيڪنيڪي ضرورتن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو گڏيل قومي ڪوششن ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن جي مڪمل هم آهنگي جو نتيجو هو. ايف اي ٽي ايف جي پلينري طرفان پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏيڻ جو اعلان هڪ سٺي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان اسان اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. فيٽف جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي، جنهن سان اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت قومي معيشت جي استحڪام جي عظيم مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته فيٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان فيٽف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close