پاڪستانسنڌ

جتي ميدان آباد هوندا آهن اتي اسپتالون ويران هونديون آهن: ليفٽيننٽ ڪرنل اڪمل

بدين: 32 ونگ ٿر رينجرز بدين جي ليفٽيننٽ ڪرنل اڪمل بشير چيو آهي ته جنهن علائقي جا ميدان آباد هوندا آهن، اتي اسپتالون ويران هونديون آهن ۽ اسان هن نعري سان گڏ ڪم ڪندي وڌندڙ خودڪشي جي موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ بدين ۾ خودڪشي جو رحجان گھٽ آهي پر پوءِ به اسان کي هن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري سگھجي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه 32 ونگ ٿر رينجرز بدين جي طرفان فٽبال گرائونڊ ريلوي اسٽيشن بدين ويجھو منعقد ڪيل شوٽنگ بال ٽورنامنٽ جي تقريب ۾ خصوصي مهمان جي حيثت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل، ايوان صحافت بدين جي صدر خالد محمود گھمڻ ۽ شوٽنگ بال ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر قيصر علي جتوئي پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button