پاڪستانسنڌ

عوام کي مفت ۽ سٺو علاج فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻون پيا: صادق ميمڻ

گُجو: سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون صادق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي مفت ۽ سٺو علاج فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سنڌ ۾ اين آئي سي وي ڊي، ايس آئي يو ٽي ۽ ٽراما سينٽرن سميت ايمبولينس سروسز شروع ڪيون ويون آهن. گجي ۾ بي ايڇ يو پلس جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صادق ميمڻ چيو ته بي ايڇ يو گجو کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ترقي ڏياري ٽراما يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺندس ته جيئن گجي جي عوام کي 24 ڪلاڪ صحت جي سهولت ميسر ٿيڻ سميت حادثن جي زخمين کي به ترت امداد مهيا ٿي سگهي.

هن چيو ته پي پي ايڇ آئي سنڌ ۾ بهتر ڪم ڪري پئي پر ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ جديد سهولتون مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي پي ايڇ آئي جي ضلعي مينيجر عبدالوحيد جلباڻي چيو ته پي پي ايڇ آئي جا ضلعي ۾ 22 بي ايڇ يو ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 9 بي ايڇ يو پلس آهن جن تي هر سال 6 لک ماڻهن کي مفت علاج ۽ دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن، تقريب کي امتياز قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button