پاڪستانسنڌ

مڪاني چونڊ، ڀٽ شاھه ٽائٔون ڪميٽي تي 57 اميدوارن جا فارم بحال، 2 رد

ڀٽ شاھه: بلدياتي اليڪشن لا ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد ڀٽ شاھه ٽائون سميت ھالا ميونسپل ۽ ھالا پراڻا ٽائٔون جي 10 اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آھن، ڪجھه اميدوارن سميت تجويز ۽ تائيد ڪندڙ نه پھچڻ توڙي مختلف سببن جي ڪري اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا، ڀٽ شاھه ٽائٔون ڪميٽي جي 7 وارڊن تي 57 اميدوارن جا فارم بحال ۽ ٻن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آھن، وارڊ 6 تان تحريڪ انصاف جي اسرار احمد ۽ وارڊ 2 تان آزاد اميدوار غلام عباس جو فارم رد ٿي ويو، ھالا ميونسپل جي 16 وارڊن تي 6 اميدوارن جا فارم رد ٿيا آھن.

ميونسپل جي وارڊ نمبر 3 تان حاجن ڏاھري، دانش ميمڻ، وارڊ نمبر 9 تان فخراحمد، وارڊ نمبر 13 تان محمد سومار ڀچو ۽ وارڊ 14 تان نعيم قريشي جو فارم رد ٿيو، جڏھن ته ھالا پراڻا ٽائٔون ڪميٽي جي ٻن اميدوارن ربنواز ۽ امداد علي جا فارم به رد ڪيا ويا آھن، ھالا تعلقي جي آر او آفيس ۾ اميدوارن جي لسٽ به لڳائي وئي آھي، جنھن بعد ھاڻي اميدوارن طرفان اعتراض داخل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي رھيو آھي، اعتراض ختم ٿيڻ بعد اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button