پاڪستانسنڌ

سن ۾ صاف پاڻي مهيا نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جي ريلي، بک هڙتال

سن: سن ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ گذريل ٽن مهينن کان مٺو پاڻي نه هئڻ خلاف سماجي تنظيم پاران ريلي ڪڍي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي راجا عنايت سولنگي، صوبدار سولنگي، مير عالم سولنگي ۽ خان غفار سولنگي ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ سرائي سولنگي تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي، جنهن جي پنج هزار آبادي آهي ۽ جر کارا ٿي ويا آھن، پر ٽن مهينن کان پيئڻ جو پاڻي ناهي، کارو پاڻي پيئڻ ڪري ٻارڙا ۽ عورتون گيسٽرو ۾ وٺجي ويون آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button