پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ميمبرن جا اثاثا ظاهر، عليم خان سڀ کان امير

لاهور: اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيل موجب پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز 41 ڪروڙ 43 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن 13 ڪروڙ 64 لکن جا 11 رهائشي گھر ظاهر ڪيا، جڏهن ته حمزا شهباز جي زرعي زمينن جي ماليت 3 ڪروڙ 97 لک رپيا آهي، سندس پهرين گھر واري 50 لک رپين ۽ ٻي گھرواري 3 ڪروڙ 74 لک رپين جي اثاثن جي مالڪياڻي آهي، ان کانسواءِ حمزا شهباز پاڻ کي 9 ڪروڙ 71 لک رپين جو قرضي ظاهر ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار 5 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته عليم خان هڪ ارب 70 ڪروڙ کان وڌيڪ، اڳوڻو صوبائي وزير مراد راس 38 لک ۽ ميان محمود الرشيد 18 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي 23 ڪروڙ 14 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ نڪتو، هن جي 6 ڪروڙ 78 لکن جي غير زرعي زمين آهي، جڏهن ته پرويز الاهي فلور مل جي ماليت 99 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي، هن جي گھرواري 10 ڪروڙن جي اثاثن جي مالڪياڻي آهي. ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي جو اپوزيشن ليڊر سبطين خان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، هن زرعي ايراضي جي ماليت ظاهر ناهي ڪئي. اليڪشن ڪميشن موجب صوبائي وزير اويس لغاري 44 ڪروڙن جي اثاثن جو مالڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button