پاڪستان

امپورٽڊ سرڪار نيب قانون ۾ ترميم ڪري احتساب کي دفن ڪري ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، امپورٽڊ سرڪار جي ترميم ٿيل نيب قانونن احتساب کي دفن ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڏوهارين جي امپورٽڊ سرڪار جي ترميم ٿيل نيب قانونن احتساب کي ئي دفن ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڏوهاري ٽولي کي اين آر او ٽو ملندو ۽ نيب جي جاچ هيٺ 1200 ارب مان 1100 ارب ماليت واري ڪيس هاڻي نيب جي اختيارن واري دائري مان نڪري ويندا، تاريخ پاڪستان خلاف ان سازش جي منصوبابندي ڪندڙن ۽ ان کي ڪامياب بڻائيندڙ کي نه وساريندي ۽ نه ئي معاف ڪندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت تبديلي واري آمريڪي سازش ذريعي رڳو ڏوهارين جي هن ٽولي کي هڪ وڌيڪ اين آر او ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي سڄي معيشت ۽ سياسي نظام کي پٽڙي تان لاٿو ويو، ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير ان جي تصديق ڪري چڪو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي هنن کان ملڪ نٿو سنڀالجي ٻئي پاسي چوري معاف ڪرائڻ جون ڪوشش ڪيون پيون وڃن، ڏوهارين جي ٽولي جي ان شرم جوڳي ڪوشش جي هر سطح تي مزاحمت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button