پاڪستان

وزيراعظم کي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور

لاهور: احتساب عدالت آشيانا اقبال ۽ رمضان شوگر ملز ڪيسز ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. جڏهن ته نيب پاران درخواست جي مخالفت ڪئي وئي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنسز جي شنوائي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن به عدالت طلب ڪيو پنهنجي حاضري يقيني بڻائي، اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميواري به، هاڻي منهنجن ڪلهن تي تمام وڏي ذميواري آهي، قومي ذميواري جي ادائيگي لاءِ حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف آشيانا هائوسنگ اسڪيم ريفرنس تي شنوائي دوران لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب طرفان شهباز شريف کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست جي نيب مخالفت ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر چيوته شهباز شريف کي مستقل حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جا سبب واضح ناهن، شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به ناهي ڏنو ويو. ان دوران شهباز شريف روسٽم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته مون ڪڏهن به بنا سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ناهي ڪرائي، عدالت جي حڪمن تي پيش ٿيندو رهيو آهيان، الله سائين وڏي ذميواري سان نوازيو آهي قومي ذميواريون نڀائڻ لاءِ مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي. احتساب عدالت وزيراعظم جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button