پاڪستانسنڌ

شھيد بينظير انتهائي ذهين ۽ دلير عوامي ليڊر هئي: شازيا مري

ڪراچي: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بھادر، انتهائي ذهين ۽ دلير عوامي ليڊر هئي ۽ کيس مسلم دنيا جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ھو. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد بينظير ڀٽو جي نظريي تي ھلندي ملڪ ۾ ترقي، خوشحالي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ڪالهه ھن 21 جون تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ملھائي ويندڙ 69 ھين جنم ڏينهن جي حوالي سان جاري ٿيندڙ بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندي شھادت جو اعزاز ماڻيو جڏهن ته ملڪ اندر جمهوريت جي بحاليءَ جي جدوجهد دوران شهيد راڻي قيد ۽ جلاوطني جون سختيون برداشت ڪيون. ھن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي قيام ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ضياءُ الحق جھڙي آمر سان بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون عورتن جي حقن ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button