پاڪستان

پيپلزپارٽي محترما بينظير جو خواب ساڀيان ڪندي: آصف زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي پاڪستان جي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽريز جي صدر آصف علي زرداري بينظير شهيد جي سالگرهه جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ جيالن ۽ همدردن کي مبارڪون ڏيندي اهو عزم ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي محترما بينظير ڀٽو جو خواب ساڀيان ڪندي ملڪ مان جهالت، شدت پسندي ۽ اڻ سهپ وارن روين کي شڪست ڏيندي. پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته عوام کي غربت بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي مان نجات ڏياري سماجي ۽ معاشي انصاف ڏيڻ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي زندگي جو مقصد هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد وارو پاڪستان لازمي ٺاهيندي آصف علي زرداري چيو ته اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي تي عمل ڪري غريب دوست معيشت کي اڳتي کڻي وڌون ۽ ان جي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button