پاڪستان

محترما جي فلسفي تي عمل ڪندي غربت ختم ڪئي ويندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهو عزم ظاهر ڪيو آهي ته هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختي سان عمل ڪندي ملڪ مان غربت بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو انت آندو ويندو ۽ پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪري سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائينداسين. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق پ پ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندن 69 هين جنم ڏينهن تي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ سوچ ۽ رستي جو نالو آهي جيڪا عوام کي محرومين کان نجات ۽ ايندڙ نسلن کي ترقي يافته ۽ مهذب معاشرو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي ڪاميابي آهي جو ملڪ ۾ اڄ حقيقي جمهروي قوتون گڏجي ملڪ کي تڪليفن مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجون خدمتون جدوجهد ۽ عوام سان محبت جي جذبي جي ڪري تاريخ ۾ هميشه زنده ۽ جاويد رهندي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اصول اسان جي لاءِ هميشه لاءِ مشعل راهه رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button