اسلام آبادپاڪستان

سڪوڪ بانڊ ڏيڻ جي منظوري،هارين کي يوريا ڀاڻ سستو ڏيڻ جون هدايتون

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ناڻي ڊويزن جي سفارش تي مقامي ۽ بين الاقوامي سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ، واپار واري وزارت جي سفارش تي ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 21 تحت اپيلن جي شنوائي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر تنظيم سازي، ڪرونا جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ انجيڪشن ريميڊيسور 100 ملي گرام جي قيمت گهٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته شهبازشريف هارين کي گهٽ اگهن تي وقت سر يوريا ڀاڻ ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته انڊونيشيا طرفان پاڪستان کي پام آئل ايڪسپورٽ نه ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ هي بحران واري ڪيفيت اڻٽر هئي. ايف ٽي ايف جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ حنا رباني کر ۽ ان جي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. آرمي چيف پاران قائم ڪيل سيل انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. اڱاري تي وزيراعظم شهبازشريف جي صداريت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم سمورن وزيرن ۽ صوبن کان آيل عملدارن کي ڪئبنيٽ ميٽنگ ۾ ڀليڪار چيو. هن چيو ته مون انڊونيشيا جي صدر کي خط لکيو ۽ پيداوار ۽ صنعت واري وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کي درخواست ڪئي ته اهي هن معاملي کي ذاتي طور تي ڏسن. مون کي خوشي آهي جو صنعت ۽ پيداوار وارو وزير پنهنجي ذاتي خرچ تي انڊونيشيا ويو ۽ ان جي اڻٿڪ ڪوششن کان پوءِ هي مسئلو حل ٿيو ۽ انڊونيشيا پاسڪتان کي ترجيحي بنيادن تي پام آئل جي ايڪسپورٽ شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي ايس پلس جي شرطن تي عمل ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وزيرن، صوبائي حڪومتن ۽ وزارتن کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ ان جي آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪنهن قسم جي رنڊڪ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اسان گڏجي ضرور ڪاميابي ماڻينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button