اسلام آبادپاڪستان

ڏکيا فيصلا ڪيا،ضرورت پئي ته وڌيڪ ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، جيڪڏهن ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ لاءِ وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته اهي به ڪنداسين. گذريل حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري وڏو معاشي چئلينج مليو. دنيا ۾ تيل ۽ پيٽرول جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. گذريل حڪومت ويندي ويندي قيمتون گهٽائي ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ ڄار وڇايو، جيڪو 10 سيڪڙو بدنيتي تي ٻڌل فيصلو هو. غريب ماڻهو تي پوندڙ بار ورهائينداسين ۽ صاحب حيثيت ماڻهن تي ٽيڪس هڻنداسين. اتحادي حڪومت جي دعائن سان انهن مرحلن کي پار ڪنداسين ۽ عوام لاءِ ايندڙ وقتن ۾ انهن فيصلن کان پوءِ ضرور سٺو وقت ايندو ان لاءِ اسان محنت ڪنداسين. ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بدقسمتي سان اسان کي جيڪا حڪومت ملي، ان ۾ گذريل حڪومت جي بدترين معاشي پاليسي ناقص ڪارڪردگي تي اسان کي وڏو معاشي چئلينج مليو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته دنيا ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي. تيل پيٽرول ۽ ٻين جنسن جون عالمي قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن پر اسان هن بجيٽ ۾ فيصلو ڪيو ته جتي اسان کي پيٽرول ۽ تيل جون قيمتون مجبورن وڌائڻيون پيون اتي اسان 7 ڪروڙ ماڻهن لاءِ رليف مهيا ڪيو، جنهن جي ذريعي 2 هزار رپيا مهينو هيلپ لائن جي ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته مون کي اميد آهي ته هن اتحادي حڪومت جي دعائن سان انهن مرحلن کي عبور ڪنداسين ۽ عوام لاءِ ايندڙ وقتن ۾ انهن فيصلن کان پوءِ ضرور سٺو وقت ايندو. هن چيو ته آئي ايم ايف سان گذريل حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو، ان جا انهن پاڻ ئي پنهنجي ئي دور ۾ بکيا اڊيڙيا ۽ ان سان ٽيڪس سميت جن ٻين قدمن جو واعدو ڪيو ان جي ڀڃڪڙي ڪئي. جيڪڏهن کين معاهدو ڪرڻو هو ته ان جي رکوالي ڪن ها، ان معاهدي جا ته انهن بکيا اڊيڙي ڇڏيا ۽ آئي ايم ايف طرفان جيڪي ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، اهي اوهان جي سامهون آهن. شهبازشريف قوم کي يقين ڏياريندي چيو ته هي ڏکيو وقت ضرور آهي پر اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي هن مشڪل وقت مان ڪڍي وٺنداسين. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪي معيشت جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب وزير اعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، جلد معاشي بحران تي ضابطو آڻينداسين. اجلاس ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سياسي بنيادين تي مقررين ۽ بدلين جي مخالفت ڪندي چيو ته اسان ڪجهه وقت لاءِ آيا آهيون اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي سياسي بنيادن تي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button