اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان شازيا مري جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي بدحال طبقي کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه، کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم شهبازسريف سان شازيا عطا مري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شازيا مري وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٽارگيٽيڊ سبسڊي لاءِ غربت گهٽايو وزارت ۽ سماجي تحفظ کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کان پوءِ حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم چيو ته سموريون لاڳاپيل وزارتون ان تي عمل ڪنديون ته سبسڊي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن تائين پهچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button