اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ طرفان نيب کان آزاد ٿيل جوابدارن بابت رڪارڊ طلب

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته نيب جوابدارن کي پڪڙي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهي نيب ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عدالتن مان آزاد ٿي وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ نيب جي مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ واري درخواستن تي شنوائي ڪئي. ان ڏس ۾ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جي ٽرائيل ڪورٽ مان بريت سان ضمانت منسوخي واريون اپيلون غير موثر ٿي چڪيون آهن. نيب پراسيڪيوٽر جي موقف تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عدالت مان ڪڏهن بري ٿيا، ڇا احتساب عدالتن مان جوابدارن جي آزادي جو نيب وٽ حساب ڪتاب آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيب جوابدارن کي پڪڙي جيلن ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ نيب ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار عدالتن مان بري ٿي وڃن ٿا. عدالتي پڇاڻي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب بيورو آفيسز ۾ جوابدارن جو سمورو رڪارڊ رکيو وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ عدالت نيب کان احتساب عدالتن مان جوابدارن جي آزادي واري رپورٽ طلب ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button