کڏڙو: درگاھه لنواري شريف سائين حسن قادر ناجيا جماعت نجات تنظيم جي ڪيترن ئي مريدن لنواري شريف ۾ هڪ ڏھاڙو اڳ پيش آيل واقعي خلاف نانا جميل ڏاهري، حاجي امير علي ڏاهري ۽ حمزو خان ٽالپر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کڏڙو اڳيان مظاهرو ڪري بدين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدين پوليس سنڌ جي وڏي وزير جي ائڊوائيزر جي ونگار وهندي اسان جي ماڻھن کي تنگ ڪري رهي آھي، هڪ ڏينهن اڳ پڻ هنن هٿياربند ٿي درگاهه لنواري شريف تي خونريزي ڪرائڻ پئي چاهي، جنهن کي اسان جي ماڻھن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته حملو ڪري 50 ماڻھن کي زخمي ڪيو ويو، جيڪو ظلم آهي. هنن آصف علي زرداري کان مطالبو ڪيو معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close