پاڪستانسنڌ

عمران معاشي قتل جو ذميوار آهي،جواب ڏيڻو پوندو:بلاول

لاڙڪاڻو(رپورٽ: جاويد سولنگي) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڏهاڙو هن اسٽيڊيم ۾ ملهائي رهيا آهيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ملڪ، عوام، وطن، عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ 30 سالن تائين جدوجهد ڪندي رهي، هن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي، غريب عوام جي معاشي ترقي ۽ اسلام جي پرامن پيغام لاءِ جدوجهد ڪندي رهي ۽ هر ظالم توڙي آمر سان مهاڏو اٽڪايو. اهو کڻي آمر ضياءَ الحق يا مشرف هجي هڪ طرف شهيد محترمه بينظير هئي ۽ ٻئي پاسي ظلم، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي غريب عوام جي آواز، نوجوانن جي اميد، عورتن جي آواز هئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري آمراڻا سوچ رکندڙ سوچي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي ختم ٿيندي ۽ جمهوريت ۽ معاشي جمهوريت لاءِ آواز بلند ڪرڻ وارو ڪير به نه رهندو جيڪا انهن جي ڀل هئي ڇاڪاڻ ڪالهه به شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه هئي ۽ اڄ به پي پي پي جيالن، ڪارڪنن ۽ عوام جي صورت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه آهي، اوهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي آمر ضياءَ الحق ۽ آمر مشرف جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کان پوءِ هڪ ٻئي غير جمهوري سليڪٽيڊ شخص کي شڪست ڏني. هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ڪارڪن، جيالا ۽ جياليون هيون جن هڪ ڏينهن لاءِ به ان سليڪٽيڊ ڪٺ پتلي کي تسليم نه ڪيو ۽ پهرين ڏينهن کان پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدم اعتماد ڪامياب ٿيو ۽ عوام سليڪٽيڊ کي گهر ڀيڙو ڪيو، اهو ان ڪري ته هي شخص عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو جنهن لاءِ 30 سالن تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جدوجهد ڪئي ۽ آصف علي زرداري ان کي حقيقت جو روپ ڏنو اهو کڻي اين ايف سي ايوارڊ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي، هي شخص آئيني ۽ معاشي حقن تي ڌاڙو هڻندو رهيو اسان اهو برداشت نه ڪيو ۽ ٻين جماعتن سان ملي ڪري هن جي حڪومت کي آئيني طريقي سان ختم ڪيو. جنهن آءِ ايم ايف ڊيل تي اسين تنقيد ڪندا هئاسين جڏهن اهو کولي پڙهڻ شروع ڪيو ته حيران ٿياسين ته عوام سان ڪهڙو مذاق ڪيو ويو آهي. خان صاحب پنهنجي معاشي ڊيل جي ڀڃڪڙي ڪندي انفنڊيڊ سبسڊي جي راند کيڏي، پر وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڊفالٽ ۽ ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي ورتو. اسان کي جيڪا ذميواري پرڏيهي وزير جي ملي آهي اسان کي پوري دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻي آهي. اهو اندازو ٿيو آهي ته چئن سالن ۾ بين الاقوامي طور پاڪستان کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. معاشي حالتون مشڪل آهن ۽ وڌيڪ مشڪل ٿيڻ واريون آهن ان ڪري آءُ حيران آهيان ايترن ملڪن جو مون دورو ڪيو. ان جو سبب اِهو آهي ته آءُ جتي به وڃان اتي پاڪستان جي خلاف جيڪي غلط فهميون آهن انهن کي دور ڪيان ۽ معاشي مشڪلاتن کي دور ڪيون.اسان جو نعرو آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي تجارت هجي ۽ اسين تجارت ڪنداسين پر خيرات نه وٺنداسين. اسين ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون ۽ هڪ مهيني کان آءُ اقوام متحده، چين، يورپي يونين، سعودي عرب، يو اي اي ۽ وزيراعظم سان ترڪي جو به دورو ڪيو. تازو آءُ ايران جو دورو ڪري واپس آيو آهيان هر هنڌ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ماضي ۾ جيڪو به نقصان پهتو آهي اهو سڀ گذري چڪو آهي ۽ نئين اتحادي حڪومت آئي آهي انشاءَ الله اسان پاڪستان جي نالي جو پوري دنيا ۾ دفاغ ڪنداسين. اسان آمريڪا سان تجارت جي ڳالهه ڪئي ته پاڪستاني سرمائيدار به آمريڪا سان ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، اسان کي موقعا ڏنا وڃن ته پاڪستان جا سرمائيدار آمريڪا وڃي ڪاروبار ڪن، اسان هر هنڌ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ توهان ٻڌو هوندو ته فيٽف جي حوالي سان پاڪستان کي ڪاميابي ملي آهي. آڪٽوبر مهيني ۾ فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري وينداسين ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ٻيو فوڪس اِهو آهي ته پاڪستان کي پهريون ڀيرو جي ايس پي پلس جو درجو مليو ۽ خان صاحب جي پرڏيهي ۽ انا واري پاليسي جي ڪري اها جي ايس پي پلس اسٽيٽس خطري ۾ آهي. ان سان هارين، آبادگارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي نقصان نه پهچي پر اسين ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون ته فيٽف جي ڪاميابي کان پوءِ جي ايس پي پلس ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ لاءِ ٻي خوشخبري آڻيون. هي طريقو هوندو آهي حڪومت هلائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو، ٻين کي گاريون ڏيڻ بجاءِ اوهان محنت ڪيون ان جو ڦل ضرور ملندو آهي. هن چيو ته هن وقت اسين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ جنهن وقت اسان جي جمهوريت، پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت خطري ۾ هئي ان جو ذميوار اڳ واري حڪومت ۽ معاشي بحران ۽ مهانگائي آهي جنهن ڪري پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي رهي هئي. اهو شخص عمران خان نيازي آزاد گهمي رهيو آهي ۽ ٻين تي الزام لڳائي رهيو آهي ايترو منافق شخص مون زندگي ۾ نه ڏٺو جيڪو پاڻ معيشت کي نقصان پهچائي ۽ انا جي ڪري ملڪ ۽ عوام کي نقصان پهچائي جيئن سندس ڪرسي بچي پر هن جي ڪرسي بچي نه سگهي ۽ ان جي نقصان جو بار عوام کڻي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان کي هن شخص کان حساب وٺڻ گهرجي ۽ پڇا ڪرڻ گهرجي ته اها تبديلي ڪٿي آهي؟ ۽ ڪٿي آهن اهي واعدا جيڪي اوهان ڪيا ۽ هن کان پڇڻ ڪرڻ گهرجي جيڪو شخص ڏينهن رات ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي اڄ ان جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون نڪري رهيون آهن، اهو ثابت ٿيو ته عمران خان جي ڪرپشن جو بيانيو 100 سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل هو. خان صاحب پوري توشه خانه کي خالي ڪري ڇڏيو، خاص صاحب توشه خان ۾ تحفا رکڻ کان اڳ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ خان صاحب کي هڪ گهڙي تحفو ۾ مليو هن ان کي به وڪرو ڪري ڇڏيو. جڏهن حڪومت ۾ آيو ته ڪرپشن لاءِ خاتون اول جي نالي تي ڪمپني ٺاهي ۽ ان ۾ خان صاحب، خاتون اول ۽ ٻيا ان ڪمپني ۾ آهن اها ڪمپني ڊڪليئر ڇو نه ٿي؟ هاڻي ان ڪمپني کي ايف بي آر ۽ عدالت ۾ ڊڪليئر ڪرڻو پوندو. خان صاحب عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر خان صاحب کي خبر هجي ته هي سال 2018 ناهي هاڻي عوام تبديلي جي نعري کي سڃاڻي چڪو آهي هي نعرو اصل تبديلي جو نه پر تباهي جو نعرو آهي. نئون پاڪستان ٺاهيندي ٺاهيندي مهانگو پاڪستان ٺاهيو جنهن چيو ته خودڪشي ڪندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس ۽ اتي وڃي جهڪيو ۽ پاڻ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي. هن چيو ته چئن سالن تائين عوام سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي برداشت ڪيو ۽ هاڻي سمورن پارٽي گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهي اسان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو آهي جيڪڏهن اسين چئن سالن تائين عمران خان جي تباهي، ناجائز ۽ سليڪٽيڊ کي برداشت ڪيو ته پوءِ ٿوري دير هن حڪومت کي به موقعو ڏيو ته هو پاڪستان کي صحيح رستي تي آڻي ۽ معاشي، جمهوري ۽ جيڪي سڌارا ڪرڻا هجن اهي ڪري صاف ۽ شفاف چونڊن ڏينهن وڌي جيڪي مرحلا مڪمل ٿيندا ته پوءِ اسان کي عوام سان گڏجي ٻاهر نڪرڻو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻو جي نمائندي بيبي جو پٽ پاڻ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ به پيپلز پارٽي فيصلو ڪندي ته حڪومت قائم رهندي يا ختم ٿيندي اسان کي شهيدن جي فلسفي تي عمل ۽ محنت ڪري جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ محنت جو ڦل ضرور ملندو آهي. هن چيو ته اڄ اسين لاڙڪاڻي ۾ موجود آهيون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون ۽ پوري دنيا کي خبر هئي ته شهيد بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ آئي هئي، هاڻي به مان جڏهن ڪنهن وزيراعظم يا صدر سان ملندو آهيان ته منهنجي سڃاڻپ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو آهي ڇاڪاڻ هي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جو آهي، هن لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۾ ڪاليج ٺاهي هئي ۽ اسين هن ئي شهر ۾ گرلز ڪيڊٽ ٺاهيو آهي، هن شهر کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترائي ادارا ڏنا ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته هو به خوش هجي ته ان ۾ سندس پٽ جو به حصو آهي، هتي لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي آهن ۽ اسان به ان سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پوري ملڪ ۾ ڪچي آبادين کي ريگيولرائيز ڪيو اسان به رائيس ڪئنال جي ڪچي آبادين کي ريگيولرائيز ڪري انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ۽ موقعو مليو ته ٻين صوبن جي به ڪچي آبادين کي ريگيولرائيز ڪنداسين هن چيو ته اڄ کان لاڙڪاڻي شهر ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿي رهيو آهي، مان ايڏو ته خوش آهيان لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ جنهن جي ڪا به انتها ناهي، لاڙڪاڻي ۾ ڪچري جو نظام به ترقي ڪري رهيو آهي، هاڻي لاڙڪاڻي جي هر گهر مان ڪچرو کنيو ويندو آهي.شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته هوءَ به خوش هجي ها، اسان کي معاشي حالتن جي ڪري اندازو آهي ته هر گهر پريشان آهي جيڪڏهن اسان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي ۽ منشور تي هلنداسين ته پوءِ ڪي به مشڪلاتون نه اينديون. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي شاعري پيش ڪري پنهنجي خطاب جي شروعات ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button