پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ڇاپو، عورتن ۽ ٻارن سميت 10 هاري بازياب

ميرپورخاص: ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد بالو جي ڪئمپ ڳوٺ چوڌري حسين جي رهواسي جيرام ڀيل سيشن ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته زميندار محمد اسلم پنجابي ۽ محمد طارق وٽ هارپو ڪندا هئاسين، جيڪي هارپي جي مڪمل رقم نه ڏيندا هئا، رقم گهرڻ تي ڌمڪيون ڏئي منهنجي 10 گهرڀاتين کي نجي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي آزاد ڪرايو وڃي، جنهن بعد ٽنڊو جان محمد پوليس عدالتي حڪم تي زميندارن جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 هارين کي بازياب ڪرائي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کين مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. بازياب ٿيل هارين ۾ سگنا، ڌنجي، تانجي، مانجي، مڪيش، چمن پوڪا، شمينا، گڏي ۽ ڪريم شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button