پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

مسڻ وڏي: مسڻ ۾ غربت ۽ مهانگائي سبب عورت آپگهات ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب مسڻ ٿاڻي جي حد يوسي سلطان آباد جي ڳوٺ ھيراسنگ ماڙي ڀرسان ڳوٺ ھيرا سنگ ماڙي ۾ 20 ورهين جي شويتا زال مٺو ڪولھي غربت ۽ مهانگائي سبب گهر ۾ ٿيندڙ اڻبڻت سبب ڦاهو کائي ڇڏيو. عورت جو مڙس مٺو ڪولهي سان گهر ۾ کاڌي پيتي جو سامان نه هئڻ تان جھيڙو ٿيو هو، جنھن تي مٺو ڪولهي جي گھرواري شويتا ڪاوڙ ۾ اچي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي واقعي واري ھنڌ مسڻ پوليس پھچي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. پوليس موجب عورت گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button