پاڪستانسنڌ

مقصودي رند ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي لا ريلي

مقصودو رند: مڪاني چونڊن جي حوالي سان يوسي مراد علي رند ۾ سياسي سرگرميون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ پ پ ضلعي سانگهڙ جي سينيئر اڳواڻ حقير حضور بخش رند پ پ آفيس جو افتتاح ڪيو، جنهن بعد سوين ڪارڪنن يوسي مراد علي رند جي پ پ اميدوارن سائينداد خان رند، حاجي خان رند، مجيب الرحمان رند، الطاف حسين رند، عنايت رند ۽ جبار رند کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنجتن پاڪ پيٽرول پمپ کان درگاهھ سخي سلطان فقير لاشاري تائين ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف ڳوٺن کان ٿيندي حسيني چوڪ پھتي، جتي پ پ اڳواڻ حقير حضور بخش رند خطاب ڪندي چيو ته 26 جون تي يوسي مراد علي رند جو عوام پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندو. عوام اسان سان گڏ آھي، بعد ۾ اڳواڻن درگاھه سخي سلطان فقير لاشاري پھچي حاضري ڀري دعائون گهريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button