پاڪستانسنڌ

پولنگون بحال ڪري چونڊن ۾ فوج مقرر ڪيو،نه ته جمع تي گهيرا ڪنداسين:ارباب

مٺي: اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ ارباب غلام رحيم اتحادين سان گڏ مٺي ۾ ارباب هائوس تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لا ڊي آر اوز ۽ آر اوز سميت سمورو عملو سنڌ سرڪار جو ڪمدار ۽ غلام مقرر ٿيل آھي، جنهن جي نگراني ۾ شفاف چونڊ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي سگهندي. ٿر جو ڊي آر او ۽ آر اوز تبديل نه ٿيا ۽ پراڻيون 2018ع واريون تبديل ڪيل پولنگون واپس بحال ڪري چونڊن ۾ رينجرس ۽ فوج مقرر نه ڪئي وئي ته 24 جون تي ڌرڻا هڻي عملي جي رستا روڪ ڪئي ويندي، جنهن ڪري ضلعي ۾ چونڊ عمل ٿي نه سگهندو. هن چيو ته پ پ جي ناڪارا ڪارڪردگي سبب پراڻن جيالن عبدالغني کوسو، محمد خان لنڊ، عيسى راهمون ۽ ڊاڪٽر ناليچڱو سميت ڪيترن ئي پ پ جي بنيادي ڪارڪنن اسان کي جوائن ڪيو آھي، جيڪي 1970ع کان ذوالفقار علي ڀٽي جا جيالا آھن، پر هاڻ اهي پ پ ڇڏي اسان سان گڏ ٿيا آھن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر پ پ جي ڇا صورتحال آھي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڊيل تحت آندو ويندو آھي، جيڪي رولنگ پارٽي کي چونڊ کٽرائڻ واري ٽاسڪ جا پابند هوندا آھن، سنڌ اندر هاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن غير جانبدار ناهي، ان ڪري شفاف چونڊون نه ٿينديون، ڊي آر اوز کان وٺي آر اوز ۽ آر اوز طور صوبائي حڪومت جي ماتحت آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪي سنڌ سرڪار جا غلام بڻجي چونڊ ڪرائي رهيا آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون اليڪشن ڪميشن نه پر سنڌ سرڪار ڪرائي رهي آھي، جيڪا چونڊ مشڪوڪ ۽ هڪ طرفي غير شفاف چونڊ آھي، سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق 2018ع وارين پولنگن تي ووٽنگ ڪرائڻي آھي، پر اسان وٽ ڊي آر اوز هر روز پولنگون تبديل ڪري ضابطي اخلاق ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آھن. هن چيو ته عوام کان خوفزده ٿي پري پلان ڌانڌليون ڪيون پيون وڃن، اهڙي چونڊ کي ڪڏهن به شفاف نٿا چئي سگهون. هن چيو ته الڪيشن ڪميشن پنهنجو اعتماد وڃائي چڪي آھي، عوام کي اليڪشن ڪميشن تي ڪوبه اعتماد ناهي، اسان هر فورم تي احتجاج ۽ لکت ۾ شڪايتون ڪيون، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آھي. چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي مطالبن تي ٿر ۾ نوٽيس نه ورتو ويو ته 24 جون تي ڊي آر او ۽ آر اوز جي آفيسن جو عوام گهيرا ڪندو ۽ ذميوار سرڪار هوندي. هن چيو ته اسان اتحادين سان گڏجي ٿر ۾ هر سيٽ تي مقابلي لا اميدار بيهاريا آھن. جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي سميت مختلف سياسي پارٽين توڙي آزاد ۽ پ پ جا باغي اميدوار اسان جي اتحاد ۾ شامل آھن. ٿر ۾ پ پ وارن پولنگن تي اميدوارن جي گهرڀاتين کي عملو مقرر ڪرايو آهي، جيڪي ووٽرن تي اثرانداز ٿيندا. هن چيو ته ٿر ۾ سياسي مخالفن ۽ اميدوارن کي پوليس هٿان هيسايو پيو وڃي، پر اسان ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين. ٿر ۾ شفاف چونڊ ٿي ته وڏي اڪثريت سان پ پ مخالف اتحادي کٽيندا. پريس ڪانفرنس دوران دلاور خان مالڪاڻي، ارباب ظفرالله، ايم پي اي عبدالرزاق راهمون، ارباب انور جبار، ارباب فاروق ستار، وڪيل لجپت سوراڻي، محمد خان لنڊ، عبدالغني کوسو، عيسى راهمون، ڊاڪٽر ناليچڱو راهمون، پرديپ ميگهواڙ، مير محمد بليدي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button