مسڻ وڏي: پ پ يوٿ ضلعي ٽنڊوالهيار جي صدر وسيم لطيف مڱريو چيو آهي ته پ پ ۾ آهيون ته پارٽي جي هر فيصلي تي لبيڪ ڪرڻو پوندو، اليڪشن هجي يا ڪا جدوجهد هجي، پارٽي سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، يوسي مسڻ سميت ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا. مسڻ ننڍي ۾ مڱريا هائوس تي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولهاري جي چانھه پارٽي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن کانپوءِ عام چونڊن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو. ان موقعي تي مخدوم ميون علي محمد ولهاري چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پ پ ختم ٿي وئي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي بھتر حڪمت عملي سبب بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پ پ اميدوار عام چونڊن ۾ به اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا. ان موقعي تي وڏيرو غلام نبي مڱريو، عبدالغني مڱريو، عبدالجبار مڱريو، محمد بچل خاصخيلي، حاجي نور حسن ميئو، شفيع محمد لغاري، جان محمد شاهھ، اسلم ميئو ۽ ٻيا موجود هئا. ان کان اڳ مخدوم ميون علي محمد ولهاري ڊرائيور گل شير مڱريو سان سندس گھرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close