ٿرڙي محبت: ٽائون ڪاميٽي ٿرري محبت جي صفائي عملي ايڊمنسٽريٽر رضوان سانگي ۽ ٽائون آفيسر ريحان لغاري خلاف ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. پورهيتن رمضان ميراڻي، عارف شيخ، جهانگير ناريجو، ميجي ملاح، حاجن ناريجو ۽ ٻين چيو ته ٽائون آفيسر ريحان لغاري ۽ ايڊمنسٽريٽر بااثر هجڻ ڪري پنجن مهينن کان آفيس نه پيا اچن ۽ سموري آفيس جو ڪم نه پيو ٿئي، جڏهن ته شهرين جا ڪم ڊيٿ سرٽيفڪيٽ سميت سمورو ڪم رڪيل آهي، جنهن ڪري عام شهري ۽ پورهيت ملازمن سخت تڪليفن کي منهن ڏيون پيا، جڏهن ته پنج مهينن کان اسان جون پگهارون رهيل آهن، جيڪي ادا نه ڪيون ويون آهن، پگهارون نه ڏيڻ ڪري فاقاڪشي تي مجبور آهيون، جيڪڏهن پگهار نه ڏني وئي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close