اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ آئين تحت ٿينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فوجي قيادت، پارلياماني پارٽين جي سربراهن، وفاقي وزيرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرين خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي تحريڪ طالبان پاڪستان سان ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيندڙ سمورن پس منظرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽي ٽي پي سان افغان حڪومت جي سهڪار سان ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي ٻڌل حڪومتي ڪميٽي پاڪستان جي آئين جي دائري ۾ رهي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. حتمي فيصلو پاڪستان جي آئين جي روشنيءَ ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل هدايت ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پاڪستان-افغان سرحد تي انتظامي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو. پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي بحالي کي يقيني بڻايو ويو آهي. پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ منظم دهشتگردي جو ڪو به نشان نه رهيو آهي. جڏهن ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجب ٿينديون. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته يوٽرن ماهر عمران خان کان پڇيو وڃي ته آمريڪي سازش جو بيانيو ڪيڏانهن ويو؟ عمران خان آئي ڏينهن شوشا ڇڏيندو آهي. نيب سڌارن کانپوءِ هاڻي 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيندو، 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيڻ جو فائدو هاڻي تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ٻڌائي شهباز شريف خلاف ڪهڙا 70 ڪيس آهن؟ عمران خان رٽائرڊ ججن کي احتساب عدالتن ۾ لڳائي پنهنجي انتقامي ڪارروائي پوري ڪرڻ چاهي. عمران خان تي بي اعتمادي ته سندس پنهنجي اتحادين ڪئي، جن ووٽ ذريعي عمران خان وزيراعظم بڻيو، انهن ووٽن ذريعي ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close