گولاڙچي: گولاڙچي ۾ ترائي چوڪ تي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪڙيوگهنور، ماتلي، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي اڳواڻن جاکرو نوحاڻي، صالح نوتڪاڻي، نياز چانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڻي نه هئڻ ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن، هن وقت تائين اڃا ٻيجارو به ناهي پوکي سگهيا آهيون.
اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هڪ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته دبي شاخ ۾ هلندڙ پاڻي کي وڌيڪ 2 فوٽ وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي ۽ دارغي خوشي جت کي هٽايو وڃي، 2 ڪلاڪن بعد پ پ اڳواڻ حسن مهيري ۽ ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور عبدالجبار پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.