ڌاٻيجي: يونين ڪائونسل ڌاٻيجي جي پارڪ تي قبضامافيا جو قبضو، پارڪ ڊاھي ان زمين تي وڏو شاپنگ سينٽر ٺاھڻ شروع ڪري ڏنو، شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پ پ جي فقير نبي بخش ڪلمتي بلوچ، جسقم اڳواڻ نظام جوکيو، سماجي اڳواڻ آصف جوکيو، ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ ٻين چيو آهي ته هڪ پاسي ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تي مسجدون، پبلڪ پارڪ ۽ شادي هال ڊاهيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي سرزمين تي قبضي کانپو ڌاٻيجي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خالي پيل سرڪاري زمينن تي روينيو جي ملي ڀگت سان قبضي کانپو پبلڪ پارڪن تي ڪراچي جي بااثر لينڊ مافيائن اڏاتون شروع ڪري ڇڏيون آھن، جنهن جي ڪري سنڌ جون تاريخي نشانيون پڻ ميسارجڻ جو خدشو آھي، هنن اپيل ڪئي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي قبضو خالي ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close