اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته هاڻي جڊيشل ايڪٽوازم جو دور ناهي رهيو، هر فيصلو قانون مطابق ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ امپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيٽوشن (اِي او بي آئي) ۾ ضابطي خلاف ڀرتين ۽ ميگا ڪرپشن ڪيس جي شنوائي ٿي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جنوري 2011 ۾ اي او بي آئي ۾ ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ سيپٽمبر 2011 کان مئي 2012 وچ ۾ اي او بي آئي ۾ ضابطي جي خلاف ڀرتيون ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ جن ماڻهن ڀرتين تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جو نالو نيب رپورٽ ۾ موجود آهي. خورشيد شاهه جو نالو به اي او بي آئي ۾غيرقانوني ڀرتين تي اثرانداز ٿيندڙ ماڻهن ۾ شامل آهي. اعتزاز احسن چيو ته خورشيد شاهه ان وقت وزير نه هو جڏهن هي ڀرتيون ٿيون. نيب ڪيس ۾ توهين عدالت ڪيئن ٿي سگهي ٿي. خورشيد شاهه جو ان سان تعلق نه آهي. ان تي توهين عدالت جي تلوار ڇو لٽڪي رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهين عدالت ٿي آهي ته ذميواري وجهڻي آهي. عدالتي حڪم جي ابتڙ مقرريون ته ٿيون آهن. ڏسڻو آهي ته ڪنهن عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، سڀني جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران صرف ذميوارن جي خلاف ئي ڪارروائي ڪرڻ چاهيون ٿا. نيب تفصيلي طور تي رپورٽ ڏي، ڪنهن جوابدار جو ڪهڙو ڪردار آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته نيب کي تفصيل جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون. هي ڪيس ان دور جو آهي جڏهن ايڪٽوازم عروج تي هو. هاڻي اهو دور ناهي رهيو، هر فيصلو قانون مطابق ٿيندو. سپريم ڪورٽ نيب کان توهين عدالت ڪندڙ جوابدارن ۽ ٽرائل جو تفصيل طلب ڪندي شنوائي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close