اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته انهن کي ڊپ هو ته آئون ليفٽيننٽ جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائيندس. مون ڪڏهن به ميرٽ جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، نومبر جو مهينو اچي ها ته ميرٽ تي آرمي چيف جي مقرري ڪيان ها. ڇا جيڪڏهن گهر ۾ ڌاڙو لڳي ته چوڪيدار نيوٽرل رهي سگهي ٿو. حڪومت 3 مهينن ۾ ايتري مهانگائي ڪئي، جيتري اسان ٽن سالن ۾ ناهي ڪئي. ڪالهه اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هنن جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف رکرائيندو. مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائيندس. مون ڪڏهن ميرٽ کان هٽي فيصلو نه ڪيو، ڪڏهن به ڪنهن دوست يا مائٽ کي ميرٽ کان هٽي نه لڳايو. ادارن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، انهن سڀني ادارن تي پنهنجا ماڻهو ويهاريا آهن. هن چيو نواز شريف ته پنهنجي پسند جو آرمي چيف آندو هو. 26 سال اڳ چيو هو ته زرداري ۽ نواز شريف ٻئي چور آهن، ٻئي هڪٻئي بابت سچ چوندا هئا. مون کي ڪڏهن شڪ نه هو ته اقتدار ۾ ايندس ته اهي گڏ ٿي ويندا. انهن کي فوج، آءِ ايس آءِ کان خوف هوندو آهي، انهن کي خبر هوندي آهي ته سندن چوري پڪڙجي ويندي.سندس چوڻ هو ته عمران خان کي پنهنجي چوري ناهي بچائڻي، پنهنجو ڪو آرمي چيف ناهي آڻڻو. انهن کي خوف هو ته آئون جنرل فيض کي آڻڻ چاهيان ٿو، انهن کي خوف هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو. عمران خان چيو ته آمريڪا جڏهن رجيم چينج ڪندو آهي ته ڇا اهو بهتري لاءِ ڪندو آهي؟ آمريڪا رجيم چينج پنهنجي مفادن لاءِ ڪندو آهي، ڇا اسان آمريڪا کي پنهنجا اڏا ڏئي ڇڏيون؟ وزيرستان ۾ جڏهن فوج موڪلي وئي ته مون مخالفت ڪئي هئي، جنهن جاءِ تي هڪ فوجي يا هڪ چوڪي نه هئي، اتي فوج موڪلي ظلم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close