اسلام آبادپاڪستان

چين سان معاهدو ٿي ويو،ايندڙ 2 ڏينهن ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملندا:ناڻي وزير

اسلام آباد : ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته چيني ڪنسورشيم آف بئنڪس 2 ڏهائي 3 ارب ڊالر قرض جي سهولت واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه ٽوئيٽ ڪندي مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته پاڪستان طرفان قرض جي سهولت واري معاهدي تي گذريل ڏينهن صحيحون ڪيون ويون هيون. ناڻي واري وزير موجب معاهدي تحت ڪجهه ڏينهن ۾ رقم پاڪستان کي ملي ويندي. سهولت فراهم ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. آءِ ايم ايف پاران 39 مهينن لاءِ 6 بلين ڊالر جي توسيع فنڊ جي سهولت جي ڪاٿي ۽ مدي ۾ واڌ جو امڪان آهي. وفاقي وزير چيو آهي ته چيني ڪنسورشيم بئنڪ پاڪستان کي 2 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جو قرض فراهم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ اميد آهي ته آءِ ايم ايف جي 6 ارب ڊالرن جي توسيع فنڊ جي سهولت جو حجم ۽ مدو 39 مهينن لاءِ وڌائيندو. هن چيو ته اها رقم پاڪستان کي جلد ملي ويندي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته هن مهيني جي شروعات ۾ مفتاح اسماعيل ٽوئيٽ ڪندي چيو ته سٺي خبر اها آهي ته چيني بئنڪن کان 2 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي قرض جي شرطن تي اتفاق ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button