پاڪستانسنڌ

سن ۾ پاڻي کوٽ خلاف سماجي تنظيم جو مظاهرو، بک هڙتال

سن: سن ويجھو مانجھند تعلقي جي يوسي لاکا جي ڳوٺ سرائي سولنگي جي رهواسين مٺو پاڻي مهيا نه ڪرڻ خلاف چوٿين ڏينهن به انڊس ها وي تي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ غلام علي سولنگي، فيض علي سولنگي، حبدار سولنگي، اختر حسين سولنگي ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي جي ڪري زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون، کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب عورتون ۽ ٻارڙا به بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button