ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان لفٽ بهاني شهرين جا کيسا ڪٽيندڙ علي حسن کوسو کي جيب ڪٽيندي واپاري محمد علي جمالي پڪڙي ورتو، جنهن بعد جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو ويو. متاثر واپاري محمد علي جمالي کيسي مان پنجاهه هزار ۽ موبائل فون ڪڍڻ جي اين سي داخل ڪرائي، جڏهن ته دڪاندار سڪندر جانوري ۽ عنايت چانڊيو به ٿاڻي تي پهچي جوابدار جي سڃاڻپ ڪري پئسا ۽ موبائل فون چوري ڪرڻ جون درخواستون ڏنيون. ٻئي پاسي جوابدار ٻڌايو ته غربت سبب لفٽ وٺي ماڻهن جا کيسا ڪٽيندو آهيان. هوڏانهن ٿرڙي محبت پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا، هن سان گڏ گروهه به آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close