
ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ پيپلز پارٽي پاران ايم پي اي قاسم سراج سومرو، تعلقي صدر ڪريم ڏنو دل، سردار خان کوسو ۽ تعلقي جنرل سيڪريٽري لالا لجپت ڀيل جي اڳواڻي ۾ کوسا هائوس کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو. جڏهن ته ريلي دوران جئي ڀٽو جا نعرا هڻي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ايم پي اي قاسم سراج سومرو، سردار کوسو ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي نوجوان مهم هلائين پيا ته قاسم سومرو ڪارونجهر جبل وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، پر ائين ناهي، آئون ڌرتي ڌڻي آهيان، ڪارونجهر جو ڪڏهن به ڳاٽ هيٺ ٿيڻ نه ڏيندس، ڪارونجهر لا سنڌ اسيمبلي سميت هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، مخالف ڌر وارا چون ٿا ته اسان سٺي خاندان سان تعلق رکون ٿا، جڏهن ته سٺي خاندان وارا مسڪينن جون ٻڪريون چوري نه ڪندا آهن ۽ نه ئي ٿڃ پياڪ ٻارڙن جو کير ڦر ڪندا آهن. هنن چيو ته 26 جون تي انهي ظلم خلاف گهرن کان ٻاهر نڪرو ۽ تير تي ٺپو هڻو، ڪولهي قبيلي کي ڪولهي جا پٽ تو کي جرئت ڪيئن ٿي جهڙيون ڌمڪيون ڏيندڙن کي انهن جو اصلي چهرو 26 جون تي ڏيکارينداسين ۽ ڪولهي هتي جا اصلوڪا رهواسي آهن، هن ڌرتي جا وارث آهن، 27 جون تي ڪاميابي جو جشن ملهائينداسين.