پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ وياج خورن خلاف سڳيون واسين جو احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ وياج خورن خلاف سڳيون واسي پورهيت پرويز چنا پنهنجي پٽ غلام مرتضيٰ چنا سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته ٻه سال اڳ شمن ملاح ۽ سليم ملاح کان مجبوري تحت 20 هزار رپيا وياج تي ورتا هئا، جنهن بعد 70 هزار کان وڌيڪ پئسا واپس ڏئي چڪو آهيان، پر وياج خور وڌيڪ پئسا گهري رهيا آهن ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مون کي ڌمڪين بعد ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو آهي، جڏهن ته منهنجي پٽ کان وياج خورن موبائل فون ۽ 6 هزار پڻ ڦر ڪيا آهن، پر پوليس وياج خورن خلاف قدم نه کنيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان تحفظ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button