پاڪستانسنڌ

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو مٽي ما حوالي

بدين: پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي جنازي نماز ڪالهه انڊس اسپتال بدين جي سامهون گولاڙچي روڊ تي واقع ميدان ۾ ادا ڪئي ويئي. مرحوم جي آخري ديدار لاءِ سياسي سماجي شخصيتن کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ موجود هيو. جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ميمبر قومي اسمبلي مير غلام علي ٽالپر، صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو، وزيراعليٰ سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ پير نورالله قريشي، ميمبر صوبائي اسمبلي مير الله بخش ٽالپر، ميمبر صوبائي اسمبلي حاجي تاج محمد ملاح، صوبائي اسمبلي جي اڳوڻي ميمبر پير امجد شاهه صديقي، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي جي صدر حاجي رمضان چانڊيو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان، ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو حيدرآباد سوائي خان ڇلگري، اڳوڻو سيڪريٽري ايريگيشن اشفاق ميمڻ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن ڊاڪٽر دودو مهيري، اسلم راهو، علي احمد جوکيو، نياز لاشاري، حاجي عبدالغفور ميمڻ، سعيد احمد بلوچ، اڪرم نظاماڻي، حاجي سائين بخش جمالي سميت ٻين سياسي، مذهبي جماعتن جي نمائندن ۽ شهر جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وصيت جي مطابق هن جي تدفين اباڻي قبرستان متارو منڌرو ۾ ڪئي ويئي. ان موقعي تي مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي پٽ ذڪريه سڪندر منڌرو ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو سان وڏي تعداد ۾ ماڻهن تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button