ٽنڊو آدم: ٽنڊوآدم لڳ يوسي شير محمد ڏيرو تي پي ٽي آئي جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار تي ٻٽ ٻڌل هٿياربندن جو تشدد، بليڊن سان جهير ڏنا ويا، اين سي داخل، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ ذوالفقار کوسو ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ٽن ٻٽ ٻڌل هٿياربندن يوسي شير محمد ڏيرو تي پي ٽي آ جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار محمد خان کوسو کي چونڊ مهم کان واپس ويندي يرغمال بڻائي سندس پيٽ، ٻانهن ۽ پٺن تي بليڊن سان جهير ڏئي، کيس رتورت ڪيو ويو، زخمي موجب ته جوابدارن هٿ کڻڻ لا ڇاتي تي پستول رکي ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويا، واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آھي، زخمي کي تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close