پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي يوسي جي پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف احتجاج

ڌاٻيجي: ڌاٻيجي يونين ڪائونسل جي پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف جسقم ۽ سول سوسائٽي احتجاج ڪيو، جڏهن ته قبضو ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ نيشنل هائي وي بند ڪرڻ جو چتا پڻ ڏنو ويو، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ نظام جوکيو، رشيد بلوچ، امين بلوچ ۽ ٻين چيو ته روينيو جي انتظاميا جي ملي ڀگت سان سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمين تي قبضي کانپو ڌاٻيجي جي يونين ڪائونسل جي پبلڪ پارڪ تي ڪراچي جي لينڊمافيا مقامي روينيو انتظاميا جي ملي ڀگت سان قبضو ڪري راتو رات شاپنگ سينٽر جي بنياد وجهي ڇڏيو آھي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو. هنن چيو ته تاريخي ماڳ سميت پبلڪ پارڪ هتان جي ماڻھن جون ملڪيتون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button