پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ لطيفي آزاد پئنل جو پينافليڪس ڦاڙڻ خلاف مظاهرو

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ نامعلوم شرپسندن لطيفي آزاد پئنل جو پينافليڪس ڦاڙي ڇڏيو، واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڀٽ شاھه جي وارڊ نمبر 4 جراڙ ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم شرپسندن لطيفي آزاد پئنل جو لڳل پينافليڪس ڦاڙي ڇڏيو. صبح جو وڏي تعداد ۾ لطيفي آزاد پئنل جي حامي گڏ ٿي ويا، جنھن بعد سيد گدا حسين شاھه لطيفي، سيد فدا حسين شاھه، سيد جراڙ حسين شاھه لطيفي پنھنجي حامين تي ڪنٽرول ڪري صبر ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ چيو ته اسان ڪنھن سان تڪرار نٿا چاھيون، سيد گدا حسين شاھه چيو ته اسان کي اميد آھي ته ھن واقعي ۾ ڪابه سياسي پارٽي يا مخالف اميدوار ملوث نه ھوندا.

ھي ڀٽ شاھه ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ جي سازش آھي، انتظاميه ڪردار ادا ڪري ملوث شرپسندن کي وائکو ڪري. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي پئنل جي اڳواڻ ۽ درگاھه جي قائٔم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاھه لطيفي ۽ سندس سئٔوٽ سيد اديب الحسن شاھه لطيفي پاران به واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آھي. هوڏانهن لطيفي پئنل جي حامين پاران ساجد چوھاڻ، احسان لاشاري، رضوان لاشاري، شمشاد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button