پاڪستانسنڌ

ڪوهستان جا تاريخي ماڳ ميسارجڻ لڳا، لاڳاپيل کاتو لاتعلق

ٿاڻوبولاخان: ڪوھستان جي تاريخ ڳوٺ يونين ڪائونسل تونگ جا تاريخي ماڳ سنڌ سرڪار جي بي ڌياني سبب مسمار ٿيڻ لڳا. تونگ شريف ۾ موھن جي دڙي کان به آڳاڻي زماني جا آثار آهن پر سرڪار جي مسلسل ڪن لاٽار سبب تونگ ۽ باجارا سويلائزيشن 25 ھزار سال پراڻي آهي پر کاتو صرف موھن جي دڙي، مڪلي ۽ ميرن جي مقبرن ۾ مصروف آهي. جڏهن ته حضرت ڄام لوھار جو تاريخي رومين وارو قبرستان جتي لڳ ڀڳ 800 روميون آهن، جنهن تي 1992 ۾ استاد بخاري جي ڀا سيد حاڪم علي شاھه جي نگراني ۾ مرمتي ڪم ٿيو، جنهن کانپو ڊائريڪٽر جنرل منظور ڪناسري، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالفتح شيخ، سنڌو چانڊيو ۽ يوسي تونگ جي اڳوڻي ناظم محمد بخش لوھاراڻي جي نگراني ۾ ڊٺل رومين جي مرمت ۽ قبرستان کي ھزار فوٽ جي ديوار ۽ قبرستان جي صفائي جو ڪم ٿيو، پر ڄام لوھار جي تاريخي رومين واري قبرستان کي اڃان به 1200 فوٽ ديوار جي ضرورت آهي. تاريخي علائقي ۾ چوپايو مال به ڪاهي پوي ٿو. ڄام لوھار جي تاريخي قبرستان کان 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بونشي وارو قبرستان آهي، جنهن تي پڻ اڄ کان 30 سال اڳ سيد حاڪم علي شاھه جي نگراني ۾ ڪم ٿيو، پر سنڌ حڪومت کي کاتو ملڻ بعد تاريخي قبرستان جي سار نه لڌي وئي آهي، جنهن سبب قبرون مسمار ٿي رهيون آهن ۽ قيمتي چٽسالي جا پٿر چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي. ٻئي پاسي تونگ شريف ۾ آثار قديمي جي اھم سائٽ ميري جي بٽي آهي، جنهن تي سنڌ سرڪار بدران سماجي تنظيمن ڪم ڪيو آهي، ان کانسوا تونگ کان 10 ڪلوميٽرن تي کھکر جا راڪس جو مرمتي ڪم ذوالفقار ڪلھوڙو ڪرايو. ياد رهي ته صوفي فورم ٿاڻو بولاخان، ڪوھسار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ڄام لوھار ويلفيئر ٽرسٽ تونگ جي تاريخي ماڳن تي ھڪ سيمينار ڪوٺايو هو، جنهن ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، محقق گل حسن ڪلمتي، رخمان گل پالاري ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي روشني وڌي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button