اسلام آبادپاڪستان

اقوام متحده “غلط ڄاڻ” کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته عالمي سطح تي “غلط معلومات” کي روڪڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي، جيڪا ميمبر ملڪن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان باقاعده ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي. ڪالهه انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ ۽ غلط انفارميشن جي خلاف جدوجهد ڪندڙ گروپ آف فرينڊز جي ورچوئل ميٽنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا کي عوام ۽ پرائيويٽ حيثيت ۾ آن لائن ۽ آف لائن غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ بين الاقوامي حڪمت عملي جوڙي وڃي. پرڏيهي وزير عوامي شعور کي وڌائڻ ۽ غلط معلومات جي خلاف سماجي مزاحمت ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. هن حڪومتن ۽ انهن جي ايجنسين جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته غلط معلومات ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ڳولڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ بي نقاب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن کي ميمبر ملڪن ۾ معلومات جو تجزيو ۽ تصديق ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي ترقي پذير ملڪن ۾، ۽ خاص طور تي آن لائن معلومات. هن چيو ته قومي ۽ بين الاقوامي محققن سان گڏوگڏ غلط معلومات بابت وڙهندڙ تنظيمن کي مالي ۽ فني مدد فراهم ڪئي وڃي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جو اطلاعات کاتي ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته دنيا کي انساني حقن، برادرين ۽ رياستن تي غلط معلومات جي منفي اثر کي گهٽائڻ لاءِ تعاون تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. غلط معلومات جي خلاف فائر وال ٺاهي وڃي. هن چيو ته گڏيل قومن کي قدمن لاءِ هدايتون مقرر ڪرڻ گهرجن، جن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ مصنوعي ذهانت جو استعمال، قومي ۽ بين الاقوامي سرگرمين لاءِ ڊرائيونگ فورس طور ڪم ڪرڻ شامل هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button