اسلام آبادپاڪستان

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي سفارش

اسلام آباد:سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي بجيٽ ۾ فارماسوٽيڪل مينوفيڪچررز کان سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 15 جنوري کان وصول ڪيل 40 ارب رپيا واپس ڪرڻ ۽ 16هين گريڊ تائين ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. سينيٽ ۾ ٿيل اجلاس ۾ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ بابت 244 سفارشون پيش ڪيون ويون، جن ۾ ترقياتي بجيٽ بابت 217 سفارشون شامل هيون، سينيٽ ۾ پيش ڪيل انهن سفارشن کي قومي اسيمبلي ۾ موڪليو ويندو. ڪميٽي فارماسوٽيڪل جي ڪچي مال جي خريداري تي 17 سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ فارماسوٽيڪل مينوفيڪچررز کان 15 جنوري کان وصول ڪيل سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 40 ارب رپيا واپس ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڪميٽي بيڪري جي شين تي ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 7 سيڪڙو ڪرڻ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار هجڻ سبب جوسن، انرجي ڊرنڪس ۽ آئيس ٽي ۾ کنڊ جي مقدار گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر مينوفيڪچررز کي بئنڪنگ چئنلز ذريعي ادائيگين لاءِ پابند ڪيو وڃي ۽ ايئر ڪرافٽ ۽ ان جي پارٽس جي درآمد تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وڃي. سينيٽ ڪميٽي گريڊ 17 کان 22 جي ڀيٽ ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي به سفارش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button