پاڪستانسنڌ

ڪوٽڏيجي ۾ هٿياربندن هٿان صحافي جو ناٺي بيدردي سان قتل

خيرپور: ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهداد رند ڀرسان جوابدارن فائرنگ ڪري صحافي علي خان رند جي ناٺي 24 سالن جي نوجوان محمد عارف پٽ الياس رند کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. مقتول نوجوان جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي، مذهبي، وڪيل، صحافي اڳواڻن سميت رند برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي اسلم لغاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قتل واقعو افسوسناڪ آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي ڪارروائي ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button