پاڪستانسنڌ

پڊعيدن ۾ نانگ ڪکيل ڳورهاري عورت فوت، وارثن جو احتجاج

پڊعيدن: پڊعيدن ۾ نانگ ڪکيل عورت مبينا علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي. وارثن عملي خلاف مظاهرو ڪيو. پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ محمد حسن ملڪ جي رهواسڻ مقدس زال محمد اويس ملڪ کي گهر ۾ ڪم ڪندي نانگ ڪکي ڇڏيو، جنهن کي وارثن دورن رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن پهچايو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏيڻ بعد کيس نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو، پر عورت رستي ۾ فوت ٿي وئي، واقعي خلاف وارثن محمد اويس ملڪ، نظير ملڪ، خادم ملڪ، محمد يوسف ۽ ٻين اسپتال عملي خلاف پريس ڪلب پھچي جلالجي روڊ تي ٽيبلون رکي نٽھڻ اس ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ صحت کاتي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسپتال عملي جي نااهلي سبب عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي، جيڪا 7 مهينن جي پيٽ سان هئي. ڊاڪٽرن پاران اسان کي اهو چئي واپس موٽايو ويو ته نانگ عورت کي ڪکيو ناهي، اوهان واپس وڃو. وارثن ڊي ايڇ او نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي ته نااهل ايم ايس ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر مبين احمد راجپوت ٻڌايو ته مريض عورت جي حالت تمام گهڻي خراب هئي، اسان فرسٽ ايڊ، وئڪسين ۽ ٽيسٽون ڪرايون، پر طبيعت تمام خراب ٿيڻ تي نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button